نگران حڪومتون هٽائڻ لاءِ پي ٽي آئي جي درخواست داخل

نگران حڪومتون هٽائڻ لاءِ پي ٽي آئي جي درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزيرن کي فوري طور معطل ڪرڻ ۽ هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اها درخواست تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي ۽ ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزيرن کي آئيني مدو پورو ٿيڻ تي فوري طور هٽايو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ٻنهي نگران وڏن وزيرن کي فوري طور تي اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو