نيپرا چيئرپرسن ۽ ميمبرن پنهنجي پگهارن ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪري ڇڏي

نيپرا چيئرپرسن ۽ ميمبرن پنهنجي پگهارن ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي اعليٰ آفيسرن وفاقي ڪابينا جي لازمي منظوري کانسواءِ پنهنجي پگهارن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب پگهارن م وڏي واڌ اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي جڏهن پاور سيڪٽر وڏي فني، تجارتي ۽ ڊسٽري بيوشن نقصانن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سڀني ريگيوليٽري باڊيز جا چيئرپرسن ۽ ميمبر عام طور تي وڌ ۾ وڌ مئنيجمينٽ پوزيشن (MP) اسڪيل I جا حقدار هوندا آهن جن جي بنيادي پگهار 629,000 رپيا 772,780 رپيا ماهوار هوندي آهي. ٻيون مراعتون – 146,000 کان 206,000 گھر جي ڪرائي لاءِ ۽ 35,000 رپيا يوٽيلٽيز لاءِ – انھن جي ڪل پگهار 800,000 کان 10 لک رپين تائين هوندي آهي. نيپرا عملدارن پگهارن ۾ ٽيڻ تي پنهنجي پگهارن ۽ مراعات ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ريگيوليٽري اداري کي 10 فيبروري تي هڪ تفصيلي سوالنامو موڪليو ويو جنهن ۾ پگهارن ۾ واڌ جا تفصيل گهريا ويا ۽ اهو به پڇو ويو ته ڇا پگهارون وڌائڻ بابت ڪابينا کان منظوري ورتي وئي آهي ته ان جو ڪو جواب نه ڏنو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌايل پگهارن ۽ مراعات بعد نيپرا چيئرپرسن جي پگهار 32 لک 50 هزار ماهور ڪئي وئي آهي ۽ ميمبرن جي ماهوار پگهار 29 لک 50 هزار ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه نيپرا عملدارن ججن لاءِ جوڊيشل الائونس جي طرز تي پنهنجي لاءِ 6 لک 31 هزار کان 7 لک رپيا ماهوار ريگيوليٽري الائونس جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. انهن 587,000 کان 650,000 رپين جي 2024 لاءِ ايڊهاڪ رليف پڻ حاصل ڪيو آهي. ان کان علاوه، اهي 544,000 کان 600,000 رپين جي شرح تي 2023 لاءِ ايڊهاڪ رليف جا به اهل بڻجي ويا آهن. اهي 176,000 روپيا کان 206,000 روپيا في مهيني جي هائوس رينٽ الائونس پڻ کڻندا آهن ان کان علاوه 105,150 روپيا کان 116,000 روپيا 2022 لاءِ ايڊهاڪ رليف ۽ 70,000 کان روپيا 77,300 روپيا ايڊهاڪ رليف 2021 لاءِ به کڻي رهيا آهن. انهن جي ٻين فائدن ۾ 96,000 روپيا ڪار مانيٽائيزيشن ۽ 32,000 روپيا کان 35,000 روپيا ماهوار يوٽيلٽي الائونس به شامل آهن. سندن مجموعي پگهار وارو پيڪيج هاڻي ساڍا 29 لک کان ساڍا 32 لک ماهور ٿي ويو آهي. نيپرا چيئرپرسن ۽ ميمبرن جي پگهار سپريم ڪورٽ جي ججن کان به مٿي ٿي وئي آهي. نيپرا ايڪٽ 1997 جي شق 8 موجب چيئرپرسن ۽ ميمبرن جي پگهار وفاقي حڪومت جي منظوري سان وڌائي ويندي پر هن معاملي ۾ حڪومت جي منظوري کانسواءِ هنن پاڻ ئي واڌ ڪئي آهي. حڪومت هڪ پاسي مالي بحران سبب بچت جي دعوا پئي ڪري ٻئي پاسي غير قانوني طرح پگهارن ۾ ايڏي وڏي واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت جي ٻئي ڪنهن به ريگوليٽري اداري جي چيئرپرسن يا ميمبرن جون پگهارون نيپرا جيتريون نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو