نيپال کي شڪست، ٻنهي ٽيمن ۾سڳن ڀائرن جون جوڙيون شامل

نيپال کي شڪست، ٻنهي ٽيمن ۾سڳن ڀائرن جون جوڙيون شامل

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو 17 هون ميچ ممبئي جي ونکيڊ اسٽيڊيم ۾ نيپال ۽ اٽلي ۾ کيڏيو ويو. اٽلي ٽاس کٽي بائولنگ جو فيصلو ڪيو. نيپال 19.3 اوورن ۾ 123 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. اوپنرڪشال ڀرٽيل 5، ٻيو اوپنر ۽ وڪٽ ڪيپر بيٽسمين آصف شيخ 20، ڪپتان روهت پائوڊيل 23، دپندرا سنگهه ايري 17، عارف شيخ 27 ۽ ڪرن ڪي سي 18 رنز ٺاهيون. نيپالي ٽيم عارف ۽ سندس ننڍو ڀاءَ آصف شيخ ٻئي ٽيم ۾ شامل آهن. اهڙي طرح اٽلي جي ٽيم ۾ به ساڄڙي اينٿوني موسڪا ۽ سندس ننڍو کاٻڙي ڀاءُ جسٽن موسڪا به کيڏي رهيا آهن. ۽ ٻئي جارح مزاج اوپننگ بيٽسمين آهن. ٻنهي پاور پلي جي پڄاڻي تي بنا نقصان جي 68 رنسون ٺاهيون. يارهين اوور۾ ٻنهي ڀائرن ففٽيون مڪمل ڪيون 124 جو ٽارگيٽ بنا نقصان جي حاصل ڪري نيپال کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني. اننگ اوپن ڪندڙ جسٽن موسڪا 3 ڇڪن 5 ڇوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 60 رنسون ٺاهي ۽ اينٿوني موسڪا 6 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي 62 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو