ممبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نيوزيلينڊ لاءِ اسڪواڊ ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.آءِ سي سي جي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ورلڊ ڪپ کانپوءِ اسڪواڊ ۾ ڪليمينٽ هينري جي جاءِ تي ڪائل جيميسن کي شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪائل جيميسن نيوزيلينڊ لاءِ 13 ون ڊي ميچون کيڏيون آهن.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب ميٽ هينري ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران هيمسٽرنگ انٽري جو شڪار ٿي ويو، زخمي ٿيڻ کانپوءِ ميٽ هينري جو ايم آر آءِ ڪرايو ويو.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته هينري کي صحتياب ٿيڻ ۾ 2 کان 4 هفتا لڳندا.










