اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر هميش بينيٽ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيوريٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي هيمش بينيٽ چيو ته ڪرڪيٽ سيزن 22-2021 منهنجو آخري سيزن آهي. ڪيويز فاسٽ بالر پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪيريئر جي شروعات 2005 ۾ ڪئي ۽ هن وقت تائين 265 ڊوميسٽڪ ميچ کيڏي چڪو آهي.هيمش بينيٽ هڪ ٽيسٽ، 19 ون ڊي ۽ 11 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪئي.










