لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو(نيب) چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي 26 مارچ جمعي جي ڏينهن نيب لاهور ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مريم نواز ان کان اڳ 11 آگسٽ 2020 تي نيب لاهور ۾ پيش ٿي هئي. رپورٽون آهن ته مريم نواز جي حوالي سان نيب لاهور کي نيون شاهديون مليون آهن. ان شاهدين جي روشني ۾ مريم نواز کان جاچ ڪرڻي آهي.نيب مذڪوره ڪيس ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري رکيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر فيصل بخاري جو موقف آهي ته مريم نواز چوڌري شوگرملز مني لانڊرنگ الزامن ۾ ضماني تي آزاد آهي ۽ رياستي ادارن جي خلاف بيان بازي ڪري رهي آهي.نيب عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته مريم نواز نيب پاران نوٽيس جي باوجود رڪارڊ فراهم ناهي ڪيو. ان ڪري ان جي ضمانت رد ڪئي وڃي.










