اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب جي گريڊ 19 جي آفيسر جو پراسرار موت واقع ٿيو آهي. جي سڪس فور ۾ هڪ گيسٽ هائوس مان وقاص احمد خان جو لاش مليو آهي. پوليس سندس لاش پوسٽ مارتم لاءِ پولي ڪلينڪ منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي آفيسر جو ڪمرو اندران بند هو. ڪمرو ڪالهه به بند هو ۽ سندس جسم تي ڪو نشان نظر نه آيو. لاهور سان تعلق رکندڙ آفيسر اوگرا ڪيس م جاچ آفيسر به رهي چڪو آهي.










