نوشهروفيروز ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، 3 ڄڻا فوت،1 هڪ زخمي

نوشهروفيروز ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، 3 ڄڻا فوت،1 هڪ زخمي

نوشهروفيروز (ڊ ر) مورو قومي شاهراهه تي سدھوجا جي ويجهو تيز رفتار وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ معصوم ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي. حادثي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. فوت ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ عجب ولد محمد ايوب چانڊيو جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پنهنجي عورتن سان گڏ ڪنڊياري کان مورو طرف اچي رهيو هو ته رستي ۾ هي حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو