ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي سنڌ حڪومت نوجوانن جي ڀلائي لاء سنڌ يوٿ ڪارڊ جي جاري ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان جو باقاعده افتتاح چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هلندڙ مهيني آگسٽ جي آخري هفتي ۾ ڪندو. هن ٻڌايو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ ذريعي پهرئين مرحلي ۾ صوبي جي 30 ضلعن سان تعلق رکندڙ 15 کان 29 سالن جي عمر وارن هڪ لک نوجوانن کي مختلف سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪيا ويندا، ته جيئن کين تعليم، روزگار، هنر مندي ۽ خودمختياريءَ جا بهتر موقعا ملي سگهن. صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر ٻڌايو ته يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم لاءِ تعليمي اسڪالرشپون ۽ ملڪ توڙي ٻاهرئين ملڪ تعليم جا موقعا ميسر ٿي سگهن ۽ بغير وياج جي قرض, مالي سھڪار ۽ عالمي معيار جي اسڪلز ٽريننگ,مقامي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ ٻين سفري سهولتن تي خاص رعايتون ۽ مختلف سرڪاري ۽ نجي خدمتن تائين ترجيحي پهچ فراھم ڪئي ويندي.سردار محمد بخش خان مهر ٻڌايو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ جي رجسٽريشن مڪمل طور تي آن لائين ۽ انتهائي آسان هوندي ته جيئن صوبي جي هر ضلعي جا نوجوان باآساني ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وژن آهي ته سنڌ يوٿ ڪارڊ ذريعي انهن سمورن نوجوانن تائين پهتو وڃي جن تائين ماضيءَ ۾ سرڪاري سهولتون نه پهچي سگهيون هيون، ۽ کين ترقيءَ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن واضح ڪيو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ صرف انهن ئي نوجوانن کي جاري ڪيو ويندو جن وٽ سنڌ جو ڊوميسائيل هوندو. ترجمان موجب سنڌ يوٿ ڪارڊ جيز بئنڪ (Jazz Bank) ذريعي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته رجسٽريشن جو طريقو ۽ ٻي تفصيل جلد عوام آڏو پيش ڪئي ويندي.










