نواز شريف جي پٽ وارنٽ وصول ڪري ورتا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برطانيا ۾ موجود پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي گرفتاري وارنٽ لنڊن ۾ نواز شريف جي گهر تائين پهچائي ڇڏيا، وارنٽ نواز شريف جي پٽ حسن نواز وصول ڪيا. اهڙي آگاهي وفاقي سرڪار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏني. العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز خلاف اپيلز تي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته عدالتي حڪم تي نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ پهچائي ڇڏيا آهن، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو هو، هاڻي اُن کي به نواز شريف جي واپسي لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي، انڪوائري جي مرحلي ۾ جوابدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، سزا مليل شخص کي پرڏيهه موڪلڻ وقت عدالت کي آگاهه ئي نه ڪيو ويو هو، نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ وقت عدالت کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ها، اهم ڪم ته نواز شريف جي اپيلن تي فيصلو ڪرڻو آهي، پر اسان سندس حاضري لاءِ رُڪيل آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو