نواز ۽ زرداري ويڊيو لنڪ تي اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ راضي

نواز ۽ زرداري ويڊيو لنڪ تي اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ راضي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري ٻڌايو آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) به اعلان ڪيو آهي ته ميان شهباز شريف جي سربراهي ۾ 11 رڪني وفد شرڪت ڪندو جنهن ۾ مريم نواز به شامل هوندي. گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت جي دعوت ڏني هئي. بلاول ڀٽو نوازشريف سان رابطو ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي ۽ دعوت ڏني. بلاول ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هُن نوازشريف کي 20 سيپٽمبر تي سڏايل اَي پي سي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت جي دعوت به ڏني، جنهن جي ميزباني پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي جي ذريعن جي دعويٰ آهي ته نوازشريف اي پي سي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف ويڊيو لنڪ تي لنڊن کان اي پي ي ۾ شريڪ ٿيو ته صدارت کائنس ڪرائي ويندي. ٻئي پاسي حڪومت به سرگرم آهي ۽ ميان نواز شريف جو اي پي سي کي خطاب آن ايئر نه ڪرن لاءِ پيمرا چينلز کي هدايتون جاري پئي ڪري ڇو ته هو سزا يافته مجرم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو