نواز شريف اين او سي  وٺي گلگت بلتستان ويو، رانا ثناءُ الله

نواز شريف اين او سي وٺي گلگت بلتستان ويو، رانا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن کان اين او سي (NOC) وٺي اتي ويو هو، ڪو به حڪومتي وزير گلگت بلتستان ناهي ويو ۽ نه ئي ڪنهن اتي چونڊ مہم هلائي آهي. هن ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين بيرسٽر گوهر خان گلگت بلتستان ۾ جلسا ڪري رهيو آهي، ميتنگون ڪري رهيو آهي، کيس ته ڪو به نٿو روڪي. رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن بيرسٽر گوهر خان اجازت وٺي وڃي سگهي ٿو ته سلمان اڪرم راجا کي به ائين ئي ڪرڻ گهرجي ها. هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به اميدوار مقابلي ۾ آهي ئي ڪونه، اتي صاف، شفاف ۽ معتبر (ڪريڊيبل) چونڊون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو