اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير عابد شيرعلي چيو اهي ته پارٽي اڳاوڻ ۽ ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ اڳواڻ ميان نوازشريف آگسٽ ۾ پاڪستان موٽي ايندو هڪ انترويو ۾ عابد شيرعلي چيو ته نوازشريف آگسٽ ۾ وطن اچي رهيو آهي هو آگسٽ کان اڳ به ملڪ ۾ اچي سگهي ٿو هن چيو ته آگسٽ دوران ملڪ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جو موسم هوندو آهي ته هو انشاءالله پنهنجي وطن موٽي ايندو ۽ 14 آگسٽ جي ڏينهن پاڪستان اچي سگهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ جو جشن اهو اسان ۽ اوهان ۾ گڏجي ويهي ٺاهي هڪ سوال تي عابد شير چيو ته ڏيهه ورڻ تي نوازشريف جيل ڇو ويندو هن ڇا ڪيو آهي جيل ته عمران خان کي وڃڻ گهرجي ها جنهن مٿان اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهن جن ججن نوازشريف سان جٺ ڪئي اهي ان کان معافي وٺن هو حفاظتي ضمانت ڇو گهرندو هن چيو ته نواز اڳ به وطن موٽي آيو ته هن پنهنجي حفاظتي ضمانت نه ڪرائي هئي ڇا نوازشريف جو ڏوهه صرف ايترو هو جو پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي جڏهن ته هتي ته ماڻهن مڪمل شيون هڙپ ڪري ڇڏيون انهن کي ڪجهه نه ڪيو ويو.










