ننڪانه صاحب: (ويب ڊيسڪ) موڙ کنڊا لاهور روڊ تي هڪ تيز رفتار ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ ٻه ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. ريسڪيو اهلڪارن زخمين، 24 سالن جي سبحان ۽ 17 سالن جي ذوالقرنين کي موقعي تي طبي امداد فراهم ڪئي.ضروري ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ، ريسڪيو اهلڪارن فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي مقامي پوليس جي حوالي ڪيو. حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 21 سالن جي شهباز جي نالي سان ٿي آهي.










