لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير محسن نقوي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور جو دورو ڪري مسافرن جي ايمگريشن پراسيس جو جائزو ورتو.دوري دوران محسن نقوي ايمگريشن ڪائونٽرز جي چڪاس ڪئي ۽ اتي موجود مسافرن کان ايمگريشن ۾ لڳندڙ وقت بابت دريافت ڪيو. مسافرن پاران وقت لڳڻ ۽ رش بابت ٻڌائڻ تي گهرو وزير فوري ايڪشن وٺندي مسافرن جي سهولت لاءِ ايئرپورٽ تي موجود سمورا ڪائونٽرز باقاعدگي سان کليل رکڻ جو حڪم ڏنو تاڪه عمل تيز ٿي سگهي.دوري دوران هڪ مسافر پاران ايجنٽ پاران رقم وٺڻ واري شڪايت تي گهرو وزير موقعي تي ئي نوٽيس وٺندي ڪيس ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جي سپرد ڪري ايجنٽ کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واضح ڪيو ته ناقص يا جعلي دستاويزن تي ڪنهن کي به سفر جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته پڪن دستاويزن واري مسافر کي هروڀرو نه روڪيو ويندو.










