نقوي جي ايف بي آئي  ڊائريڪٽر سان ملاقات، سائبر جاچ تي ڳالهيون

نقوي جي ايف بي آئي ڊائريڪٽر سان ملاقات، سائبر جاچ تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سائبر تحقيقات لاءِ وسيلن جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.محسن نقوي واشنگٽن ۾ ايف بي آئي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي هن ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ اندر توڙي ٻاهر سائبر تحقيقات لاءِ وسيلن جي فراهمي ۽ خصوصي تربيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪاش پٽيل چيو ته اسان جي شراڪتداري نهايت اهم آهي، ۽ اسان کي يقين آهي ته مستقبل ۾ به اسان گڏجي وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني گهرو وزير جي ميزباني ڪرڻ باعثِ اعزاز آهي، ايف بي آئي خطي ۾ امريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ سندن سهڪار کي بيحد ساراهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو