اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني اسلام آباد ۾ گهرو وزارت جو دورو ڪيو، جتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سندس گرمجوشي سان خيرمقدم ڪيو. فيڊرل ڪانسٽيبلري جي چاق چوبند دستي ايراني گهرو وزير کي سلامي پيش ڪئي.ان موقعي تي ايراني وفد جي ميمبرن جو گهرو وزير محسن نقوي سان ۽ پاڪستاني گهرو وزارت جي ماتحت ادارن جي سربراهن جو ايراني گهرو وزير سان تعارف ڪرايو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايراني گهرو وزير سڪندر مومني جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي گهرو وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن غير قانوني مهاجرت (اميگريشن) ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سهڪار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. ان کان علاوه، افغان سرحد ذريعي دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو.ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته پاڪستان ايران سان سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ تيار آهي؛ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني گهرو وزير سڪندر مومني امن لاءِ غير معمولي ڪم ڪيو آهي، اميد آهي ته هاڻي به سٺي خبر جلد سامهون ايندي ۽ امن قائم ٿيندو. ايراني وفد ۾ سيستان بلوچستان جو گورنر جنرل، ڊپٽي گهرو وزير، ڊپٽي وزير اربن ڊيولپمينٽ ٽرانسپورٽ، نيشنل ايراني آئيل ڪمپني جو سربراهه، وزير زراعت جو خصوصي نمائندو ۽ ٻيا اعليٰ اختيارين شامل هئا. ان موقعي تي وزير مملڪت طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيئرمين نادرا، ڊي جي ايف آئي اي، ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس، آئي جي فيڊرل ڪانسٽيبلري، ڊي جي اين سي سي آئي اي، ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽس، چيئرمين سي ڊي اي، آئي جي اسلام آباد پوليس ۽ ايڊيشنل سيڪريٽريز پڻ موجود هئا.










