نقوي جو اسلام آباد ۾ نئين تعمير ٿيل ٿاڻن جو دورو

نقوي جو اسلام آباد ۾ نئين تعمير ٿيل ٿاڻن جو دورو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي زبون حال بڻيل ٿاڻن جي نئين سري سان تعمير جو سلسلو شروع، ڪوهسار ٿاڻي جي نئين سري سان تعمير مڪمل ٿي وئي جڏهن ته 2 وڌيڪ ٿاڻا تعمير جي هيٺ آهن.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ نئين تعمير ٿيل ۽ تعمير هيٺ ٿاڻن جو دورو ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي ڪوهسار ٿاڻي، تعمير هيٺ وومين پوليس اسٽيشن جي سڪس ۽ تعمير هيٺ ٿاڻي ڪورال جو معائنو ڪيو. ڪوهسار ٿاڻي جي نئين عمارت ۾ فراهم ڪيل جديد سهولتن جو جائزو ورتو.هن چيو ته ڪوهسار مين فرنٽ ڊيسڪ ۽ ٻيا سيڪشن ڏٺا ڪوهسار ٿاڻي ۾ سائلين لاءِ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جديد پوليسنگ کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ نئين سري سان تعمير ٿيل ٿاڻن ۾ عوامي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بنايو ويندو. محسن نقوي وومين پوليس اسٽيشن سڪس جي تعمير جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. انهي سلسلي ۾ ضروري وسيلا جي فراهمي، ترجيحي بنيادن تي يقيني بنائي ويندي. هن ڪورال ٿاڻي جي نئين عمارت کي 2 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو