نسيم شاهه ون ڊي ميچن ۾ 5 وڪيٽون وٺندڙ ڇهون پاڪستاني بالر

نسيم شاهه ون ڊي ميچن ۾ 5 وڪيٽون وٺندڙ ڇهون پاڪستاني بالر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر نسيم شاهه نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ڇهين پاڪستاني بالر بڻجي ويو.نسيم شاهه پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ جي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو.هن کان اڳ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ 5 پاڪستاني ۽ 2 سريلنڪن بالر اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.فاسٽ بالر نسيم شاهه نيشنل اسٽيڊيم ۾ ون ڊي ميچن ۾ 5 وڪيٽون وٺندڙ اٺون بالر بڻجي ويو آهي.نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ نسيم شاهه کان علاوه جن 7 بالرن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو انهن ۾ هيٺيان رانديگر شامل آهن.1990ع ۾ پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس 52 رنسن تي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. 1993ع ۾ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم رڳو 15 رنسون ڏئي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.2002 ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر 5 رانديگرن کي ميدان مان ڪڍيو ۽ بدلي ۾ صرف 16 رنسون ڏنيون.2008ع ۾ سهيل تنوير 48 رنسون ٺاهي سريلنڪن اسپنر متالي مرلي ٿرن 31 رنسون ڏئي 5 ۽ 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اجنٿا مينڊس رڳو 13 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون.2019ع ۾ عثمان شنواري 51 رنسون ڏئي 5 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.

پهنجو تبصرو موڪليو