ناقص مٽيريل روڊ پٽجي ويا،ڪاغذن ۾ منصوبا مڪمل،فنڊ هڙپ

ڊرگھه بالا (اسماعيل لانگاهه)  ڊرگھ بالا جو  روڊ  هنڌان هنڌان ٽٽي پيو پاسن کان وڏا وڏا کڏا پئجي  ويا، روڊس کاتي جي عملدارن، چونڊيل نمائندن ۽ ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سبب ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، غلط منصوبه بندي ڪئي وئي. پاڻي جي لنگهه هوندي موري نه ٺاهي وئي جنهن سبب روڊ ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن. علائقي جي اڪثر لنڪ روڊس تي ٺيڪيدار پٿر وڇائي ڪاغذن ۾ ڪم مڪمل ڄاڻائي بل وٺي ويو پر ڪم ناهي ٿيو. روڊ جا شولڊر نه ٺاهڻ سبب تازو ٿيل بارشن سبب مٽي جهري وئي آهي ۽ پاسن کان به وڏا کڏا ٿي ويا آهن.

ڪاڇي جو تاريخي ۽ٽالپر گھراڻي جي رياست ميرالھيار ٽالپر جو ماضي ۾ تخت گاھ رھندڙ ڊرگھه بالا جي روڊ کي تعمير ٿئي تيرنھن سال گذري ويا، تيرنھن سالن ۾ حاجي خان کان ڊرگھه بالا روڊ مڪمل تباهه ٿي کنڊر جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي پر دادو جوھي جي چونڊيل نمائندن ھن تاريخي شھر جي ڀڳل ٽٽل روڊ جي مرمت لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو. پ پ پ گورنمينٽ ۾ نئين گاج جي، ڍوري جي وھڪرن  کان ۽ ڊرگھه بالا راڄو ڳنڍو سلوپ تي ڪروڙن روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ٽي موريون پڻ روڊس کاتي دادو جي نا اھلي ۽غلط منصوبه بندي ۽ ناقص ميٽريل جي استعمال سبب ٽٽي ڊھڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ ڪنهن به وقت وڏو سانحو پيش اچي سگهي ٿو.  حاجي خان ڊرگھه بالا روڊ تي مقرر سرڪاري بليدار چونڊيل نمائندن جي بنگلن تي ڊيوٽي ڪن ٿا. کڏن کٻن جھاڪن کي پورڻ لاء ڪنھن به بليدار ڪوڏر جو لپو ناهي هنيو.

ڪافي مريض ايمرجنسي ۽  عورتون ڊليوري جي صورت ۾ روڊ جي زبون حالت سبب وقت تي اسپتال نٿا پهچي سگهن. سماجي ڪارڪنن ايم اعظم لنڊ، جيت فقير کچي، علي احمد لنڊ، حاجي عيسيٰ لغاري،  رياض احمد لنڊ، امين سولنگي، رياض لنڊ ۽ ٻين وزير اعلي سنڌ ڊي سي دادو ايم اين اي جوھي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڊرگھه بالا ۽حاجي خان تائين روڊ جي مرمت ڪرائي ھزارين راھواسين کي پريشانين کان بچائي سفري سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو