ناصر شاهه پاران شاهراهه ڀٽو جو دورو، تعميراتي ڪم جوجائزو

ناصر شاهه پاران شاهراهه ڀٽو جو دورو، تعميراتي ڪم جوجائزو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر اربع ڏينهن جاري تعمير هيٺ شاهراهه ڀٽو منصوبي جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ هلندڙ تعميراتي ڪم، انٽرچينجز، ٽول پلازا، لينڊ اسڪيپنگ ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي لاڳاپيل اختيارين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ، ٽريفڪ جي وهڪري، حفاظتي قدمن ۽ افتتاحي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 22 مئي تي شاهراهه ڀٽو منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪندو، جڏهن ته هي منصوبو ڪراچي جي جديد ٽرانسپورٽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي انتهائي شاندار ۽ جديد طرز تي تعمير ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي سفري سهولتن ۾ نمايان بهتري ملندي ۽ مختلف علائقن وچ ۾ فاصلا گهٽجڻ سان گڏ ٽريفڪ دٻاءُ ۾ به واضح گهٽتائي ايندي. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته منصوبي جي فعال ٿيڻ سان ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو جنهن سان وقت ۽ ٻارڻ ٻنهي جي بچت ٿيندي ۽ صنعتي، تجارتي ۽ رهائشي سرگرمين کي به هٿي ملندي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ وڏن ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ وزيراعليٰ سنڌ پاڻ سمورن جاري منصوبن جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي مقرر مدي اندر مڪمل ٿي سگهن. صوبائي وزير چيو ته عوام کي جديد ۽ محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ حڪومت شهري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي قاسم نويد قمر چيو ته شاهراهه ڀٽو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺهندڙ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبو آهي جيڪو جديد تقاضائن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ به اهڙي طرز جا وڌيڪ ترقياتي منصوبا متعارف ڪرايا ويندا ته جيئن شهرين کي بهتر سفري، تجارتي ۽ معاشي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته شاهراهه ڀٽو منصوبو ڪراچي جي ترقي ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو ۽ شهر جي انفراسٽرڪچر ۾ جديديت ايندي، جڏهن ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي به هٿي ملندي. دوري دوران اختيارين ٻڌايو ته منصوبي جي مختلف حصن تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ افتتاح کان اڳ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو