ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائد عوام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هو اڄ 44 سالن کانپوءِ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي موجود آهي. قائد عوام جو 73ع جو متفقه آئين پاڪستاني قوم لاءِ هڪ عظيم تحفو ۽ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو پاڪستان جو پر عالمي ليڊر ۽ عالم اسلام جو پسنديده ليڊر هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي اسلامي ڪانفرنس ڪوٺائي شهيد ڀٽو سڄي دنيا جي مسلمانن کي گڏ ڪيو هو. ناصر شاهه چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان ۾ اتحاد ۽ ترقي پسند سوچ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ايٽمي پروگرام جو بنياد رکي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو. هن چيو ته شهيد ڀٽو عوام جي حقن سميت ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ عظيم جدوجهد ۽ لازوال قربانيون ڏنيون، شهيد ڀٽو عوام جي مفادن کي اوليت ڏني ڇاڪاڻ ته هو عوام کي بااختيار بڻائڻ ۾ مڪمل يقين رکندو هو. صوبائي وزير چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي حقيقي خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اثرائتا قدم کنيا. پاڪستاني قوم قائد عوام، قومي جذبي جي لازوال قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن چيو ته ڀٽو خاندان جون پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان لاءِ ڪيل اُملهه خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.










