نئين چونڊ حڪومت جي مدت مڪمل ٿيڻ بعد ٿيندي، مريم

نئين چونڊ حڪومت جي مدت مڪمل ٿيڻ بعد ٿيندي، مريم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ عام چونڊون ڪرايون وينديون، هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گورننس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڀيري جڏهن چونڊون ٿينديون ته آر ٽي ايس (رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم) جي ناڪامي جي غلطي ٻيهر نه ٿيندي، عمران خان صاحب. پريس ڪانفرنس ڪندي هن طنزيه انداز ۾ چيو ته هن ڀيري ڊسڪا ۾ ڪوهيڙو نظر نه ايندو، هن ڀيري بيلٽ باڪس ائين چوري نه ٿيندا جيئن ڊسڪا ۾ ٿيا هئا، هن ڀيري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا آفيسر ڊسڪا وانگر گم نه ٿيندا. ” مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي غلطي جو احساس ٿي ويو آهي ۽ هاڻي عمران خان کي ووٽ نه ڏيندا ڇو ته عوام کيس سڃاڻي ورتو آهي ته هو ڪوڙو ۽ منافق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو