تحريرطفيل مگسي
آمريڪي صدر جو بائيڊن جي اچڻ کانپوء عالمي طور تي جاري محاذن جي حوالي کان هڪ نئين ماحول جڙڻڻ جي اميد ڪئي پئي وئي هئي.ليڪن اقتدار جي ڪجھ ئي مهينن کانپوء نئين صدر جي حڪومت شروع ٿيندي ئي افغانستان مامرن سميت وچ اوڀر ۽ عرب وفارس ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي.گذريل هڪ هفتي جي دوران پيش ڪيل علائقن ۾ ٿيڻ وارن هڪ ٻئي جي پٺيان جيڪي اسرائيل شام تي حملا ڪيا آھن.جنهن ۾ شام جي گادي واري هنڌ دمشق کي پڻ نشانو بڻايو ويو آھي.مشھور صحافي خشوگي جي قتل ڪيس جي تحقيقات ۽ آمريڪي الزامن ۾ سڌوسنئون سعودي عرب جي شاهي خاندان جي خاص ميمبرن جو نالو پڻ ورتو پيو وڃي.اهي به سوال کڄي رهيا آھن ته شاه محمد سليمان تي به آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي پابندي مڙھيل آھي يا نه.انهيء ريت وچ اوڀر کان واپس ايندڙ خالي جهاز تي ٿيڻ واري ڌماڪي جو الزام به اسرائيل جي طرف کان ايران تي مڙھيو ويو آھي.جنهن جو جواب ڏيندي ايران چٽو ڪري ڇڏيو آھي ته نيتن ياهو ايران دشمني کان متاثر آھي.جيڪو ان قسم جي حملن جو ڏوهاري ٿيئي ٿو.ان ڪري خليخ فارس ۽ عماني سمنڊ سڌوسنئون ايران جي سيڪيورٽي ۾ آھن.اسان قابض يهودي حڪومت کي انهن سمنڊن ۾ بدگماني پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين.وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ٿيڻ کان اڳ يعني گذريل مهيني ۾ سڀ کان اڳ آمريڪا ايران جوهري ڳالهيون يا ايران جي طرف کان جوبائيڊن جي سوچ وپاليسي جي مطابق جواب ڏيڻ جون ڳالهيون منظرعام تي آيون.جنهن کانپوء اوچتو اسرائيل چئي ڇڏيو ته ايران جوهري بم ٺاھ جي ويجهو آھي.ان ڪري اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو.اها تمام وڏي خبر آهي.جنهن ۾ اسرائيل ان قسم جي دعوي ڪئي آھي حالانڪ هو ڄاڻي ٿو ته سڌوسنئون زميني جنگ ۾ اسرائيل سميت سڄي دنيا جو نقصان آھي..اسرائيل جي اهڙي بيان کانپوء برطانيا.فرانس ۽ جرمني متفق طور تي ايران کي جوهري معاهدي ۾ واپس آڻڻ ۽ معائنو ڪرڻ جي لاء هڪ طرفي ڪڙي شرط رکي آھي.ٻئي پاسي آمريڪا جي طرف کان به ان قسم جو مطالبو ڪيو ويو.جنهن کان ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو به برطانيا.فرانس ۽ جرمني سان ٻٽ ھجي.جهاز تي ڌماڪي ڪرڻ جو مقصد شايد اهو آھي ته جيئن ايران کي ڪهڙي ريت به سوڙھو ڪري ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي.مثال جي طور تي عمان سمنڊ ۾ ڌماڪن جي باري ۾ جهاز وارن جو چوڻ آھي ته پاڻي ۾ ٻه سوراخ ٿياباقي ڪابه پروڙ ناهي ته ڌماڪو ڪيئن ٿيو.يعني پتو ناهي پيو ته ٿيو ڇا آھي.۽ ڪنهن ۽ ڇو ڪيو آھي؟ مگر اسرائيل پنهنجي پراڻي روايت کي ورجائيندي سڌوسنئون ايران جو نالو کنيو آھي.انهن ئي مامرن جي دوران اسرائيل شام جي علائقي ۾ ھوائي حملو ڪري ڏنو.جنهن ۾ ايراني حمايت يافتا مليشا جي ڪيمپ کي نشانو بڻايو ويو آھي.جڏھن ته ٻيو حملو گادي جي هنڌ دمشق ۾ ڪيو ويو.جنهن کانپوء خاموشي ڇائنجي وئي.ان دوران روس جي طرف کان چيو ويو آھي ته هو شام تي ٿيڻ واري تازي حملي تي ويچاري رهيو آھي ليڪن في الحال ڪنهن ڪاروائي جو اشارو نه ڪيو اٿائين.بلڪ سندس چوڻ جي مطابق جيڪي به ٿيندو ٺيڪ وقت تي ٿيندو.وچ اوڀر ۽ خليج فارس وعمان جي صورتحال سان گڏوگڏ سعودي عرب ايران ڇڪتاڻ کي مسلسل واڌ ڏيڻ جي لاء به تيزي سان ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جنهن جا نتيجا سعودي عرب.متحده عرب امارات اسرائيل سان گڏ تعلقات وڌائڻ آھن.اهوئي سبب آھي ته ان حوالي سان ڪم ڪرڻ وارن دوست ملڪن جي سان سعودي عرب ايران تعلقات ۾ بهتري آڻڻ جي لاء ايران شرط رکيو آھي ته سعودي عرب اسرائيل سان دوستي ختم ڪري.ايران جو اهڙو مطالبو نهايت ئي ڳمڀير صورتحال ۾ پيش ڪيو ويو آھي.ڇوت اهو اهڙو ڪم آھي.جيڪو سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ هن وقت نٿو ڪري سگهي.ڇاڪاڻ ته سعودي عرب يمن وار ۾ مڪمل ڌر آھي ۽ يمني جنگجوئن جا سعودي تي وقت به وقت حملا جاري آھن.تازو ئي جازان جي سرحدي علائقي ۾ ميزائيل حملو ٿيو آھي.جنهن سان ڪجه ماڻھو زخمي ۽ ٻه ڳاڏيون پڻ تباه ٿيون آھن.يمن جي فضائن کان اچڻ واري ميزائيل سعودي عرب جي فضائن ۾ ڊيفنس سسٽم تباه ڪري ڇڏيا.اهڙي صورتحال ۾ سعودي اسرائيل سان رشتو نٿو ٽوڙي سگهي.ڇوت ائين ڪرڻ سان سڄي وچ اوڀر.عرب ۽ فارس سميت سڄي مسلم دنيا ۾ هڪ هلچل پيدا ٿيندي .جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سامراجي قوتون پورو ٿيڻ نه ڏينديون.ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان اسرائيل جون شيطاني چالبازيون ختم ٿي ويندون .جيڪي هو ڪنهن به ريت ختم ڪرڻ نٿو چاهي.










