نئون ديرو (ن س) نئون ديرو ويجهو ميرواهه کوکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان ناريون مارجي ويون هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 28ورهين جي ڪرن زال سڪندر کوکر ۽ 23 ورهين جي نسيم زال يار محمد کوکر مارجي ويون اطلاع تي پوليس پهچي نارين جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوسٽ مارٽم بعد نارين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو پوليس موجب واقعو کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي










