ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يورپي يونين جي انشاءَ الله هن ڀيري پاڪستان جي دوري کانپوءِ مڇي جي ايڪسپورٽ تي لڳل پابندي ختم ٿي ويندي، جنهن سان اسان جي ملڪ کي پرڏيهي ناڻي جي مد ۾ ڪافي مدد ملندي. اهڙو اظهار صوبائي وزير لائيواسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ فشريز هاربر اٿارٽي ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي هڪ گڏيل اجلاس ۾ ڪيو. هي اجلاس يورپي يونين جي ان وفد جي حوالي سان هو، جيڪو ڪراچي فشريز هاربر ۽ ايف سي ايس جي مختلف حصن جو دورو ڪندو. اهو وفد جائزو وٺندو ته گهربل تياريون يورپي يونين جي ڏنل گائيڊ مطابق ٿيون آهن يا نه. اهڙين سڀني ممڪن ٿيل تيارين کانپوءِ يورپي يونين پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان کي مڇي جي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيندي. اجلاس ۾ سنڌ جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، چيئرپرسن فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي زاهد حسين کيمٽيو، ڊي ايس اسٽاف محمد عمران ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يورپي يونين جي اهڙي دوري ٿيڻ کان اڳ مختلف انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ چيئرمين ايف سي ايس فاطمه مجيد به اميد ظاهر ڪئي ته انشاءَ الله پاڪستان تان هي پابنديون ختم ٿي وينديون. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته اسان هر ممڪن اها ڪوشش ڪيون ٿا ته يورپي يونين جي اها پابندي ختم ٿئي ۽ اسان ان لاءِ ڀرپور پنهنجي تياري ڪري رهيا آهيون، هي ملڪ جي معيشت جو سوال آهي جنهن لاءِ اسان ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون.










