اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري، اڄ کان پاڪستان ۾ مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 70.73 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، گاسليٽ جي قيمت ۾ 70.73 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.هن واڌ کان پوءِ، گاسليٽ جي نئين قيمت 428.74 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. قيمت ۾ واڌ اڄ کان لاڳو ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.










