مٽياري ۾ 11 سالن بعد ڊائلاسسز سينٽر بحال، افتتاح ٿي ويو

مٽياري ۾ 11 سالن بعد ڊائلاسسز سينٽر بحال، افتتاح ٿي ويو

مٽياري(ڊ  ر ) صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان تعلقه اسپتال هالا ۾ ٽن بسترن تي مشتمل مخدوم طالب الموليٰ ڊائلاسيز سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هي ڊائلائيسز سينٽر 2009 ۾ قائم ٿيو هو جيڪو جلد ئي غير فعال ٿي ويو هو. صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ذاتي دلچسپي وٺي ضلع مٽياري جي عوام کي طبي سهولتون ڏيارڻ لاءِ هن ڊائلائيسز سينٽر کي ٻيهر فعال ڪرايو آهي. صوبائي وزير آر او ڊائلاسيز سينٽر جو معائنو ڪيو، حيدرآباد کان پوءِ هاڻ ضلع مٽياري ۾ به مريضن لاءِ آر او ڊائلائيسز جي سهولت موجود آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر غلام رسول وسوانو، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالمجيد زهراڻي، ايم ايس تعلقه اسپتال هالا ڊاڪٽر محمد بچل، اسلم پيرزادو، ڊاڪٽر عبدالستار مير، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رام لوهاڻو، ڊاڪٽر ظهير ميمڻ، ڊاڪٽر قربان ميمڻ سميت ٻيا موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو