مٺي پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ اينٽي ٿيفٽ سيل قائم

مٺي پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ اينٽي ٿيفٽ سيل قائم

ڪراچي( اسٽاف رپوٽر) واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين پنھنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي تہ گذريل ڏينهن هڪ وڊيو ۾ واٽر ڪارپوريشن جي ڪارروائي ڏيکاري ويئي جنهن ۾ غير قانوني ڪنيڪشنن يا غير قانوني هائيڊرنٽس ذريعي واٽر ڪارپوريشن جو مٺو پاڻي صنعتن کي فراهم ڪيو پيو وڃي، اصل ۾ اهو زير زمين پاڻي هو، جيڪو واٽر بورڊ جي پراڻي انتظاميا ماضي ۾ صنعتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زير زمين پاڻي جو لائسنس جاري ڪيو ويو هو، واٽر بورڊ جي اڳوڻي انتظاميا پاران 2018 ۾ سب سوائل ريگيوليشنز ٺاهي هئي، جنهن تحت 2022 ۾ 34 سب سوائل آپريٽرن کي لائسنس جاري ڪيا ويا ھئا، جنهن کي تازو ئي منسوخ ڪري واٽر ڪارپوريشن جي نئين انتظاميا زير زمين پاڻي جا لائسنس حاصل ڪرڻ جي لاءِ گرائونڊ واٽر ريگيوليشنز 2024 متعارف ڪرايو ويو آھي جنهن جو بنيادي مقصد زير زمين پاڻي جي بي بنياد استعمال جي سخت نگراني ڪرڻ آهي، واٽر ڪارپوريشن پاران زير زمين پاڻي جي نالي تي مٺي پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ اينٽي ٿيفٽ سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو سيپٽمبر 2023 کان پاڻي چورن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏيل گرينڊ آپريشن ڪري رهيو آهي جيڪو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي، اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو تہ عوام کي درخواست آهي تہ شهر ۾ ٿين واري پاڻي چوري جي منفي ڪارروائين جي متعلق اداري کي زباني يا لکت ۾ لازمي طور تي آگاهي ڏني وڃي تہ جيئن اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر ڪارپوريشن جي ذريعي اهڙن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو