نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ، ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ روڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ترت ٻڌڻي واري اپيل رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ تي پابندي لاءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب، درخواست ۾ 14 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ رٿيل ميچ تي پابندي لڳائڻ ۽ ان کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. ان تي ڀارتي سپريم ڪورٽ پاڪ-ڀارت ميچ روڪرائڻ لاءِ درخواست جي ترت ٻڌڻي واري استدعا رد ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ”ان ۾ هنگامي نوعيت جو ڪهڙو معاملو آهي؟ في الحال ڪجهه نٿو ٿي سگهي، ميچ ٿيڻ کپي.“ عدالت وڌيڪ چيو ته “هيءَ رڳو هڪ ميچ آهي، ان کي ميچ رهڻ ڏيو، ۽ ميچ آچر تي آهي.“










