ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ جو 41 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم

ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ جو 41 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم

دادو (ن س)دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ پاران گذريل 41 ڪلاڪن کان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ختم، پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ڏيرو جي گرفتاري ۽ انڊس هاءِ وي تي ميهڙ جي 8 وارڊن جا سرڪاري نتيجا بلاڪ ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻو سڏايو ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ صداقت علي جتوئي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 8 وارڊن جا روڪيل سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.هن چيو ته نتيجن موجب پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ان جا 8 ڪائونسلر ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن ۽ کين سرڪاري نتيجن جو خط به ملي ويو آهي.صداقت علي جتوئي وڌيڪ چيو ته گرفتار اڳواڻ نياز علي ڏيرو کي جلد ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو، سندس پارٽي کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو