مين هول جي صفائي ڪندڙ پيءُ پٽ فوت

مين هول جي صفائي ڪندڙ پيءُ پٽ فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گارڊن عثمان آباد علائقي ۾ سيوريج مين هول ۾ ڪرڻ سبب ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته مين هول ۾ ٻڏي ويل ٽن ماڻهن کي واٽر ڪارپوريشن طرفان ان کي صاف ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو هو. اهي ٽيئي پيءُ ۽ پٽ هئا جيڪي 15000 رپين ۾ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيا هئا.مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته واٽر ڪارپوريشن جي گاڏين وٽ رسيون به نه هيون ته جيئن مين هول صاف ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي ويل ٽن ماڻهن کي ڪڍي سگهجي.ٻڏندڙ ٽن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هيٺ لهي ويل شخص جي حالت پڻ نازڪ آهي ۽ ان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گارڊن عثمان آباد ۾ سيوريج مين هول صاف ڪندي ٻڏي ويل ٽن ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو