لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي هدايت ڪئي آهي ته 22 مارچ تي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست تي سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرايو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق بنديال تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اڪمل باري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته ڊپٽي ڪمشنر لاهور جواب ڇو جمع نه ڪرايو، جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ڊپٽي ڪمشنر جو جواب گهربل ناهي، ڇاڪاڻ ته ٻين ڌرين جا جواب ملي چڪا آهن.عدالت هدايت ڪئي ته لاهور جو ڊپٽي ڪمشنر به سڀاڻي تائين تحريري جواب جمع ڪرائي. بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ريلي جي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










