ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشن اطلاعات کاتو سنڌ محمد سليم خان ۽ آفيسرن سان گڏ 77 هين جشن آزادي جي موقعي تي اطلاعات کاتي جي هيڊڪوارٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ جشن آزاديءَ جي سلسلي ۾ ڪيڪ ڪٽيو ويو. 77 هين جشن آزادي جي سالگرهه جي موقعي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيو ته اسان جي بزرگن پنهنجي وطن حاصل ڪرڻ خاطر بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن اسان کي هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو آهي، اسان کي باباء قوم جي اصولن اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم تي عمل پيرا ٿي ڪري ملڪ کي عالمي افق تي نمايان حيثيت ڏيارڻي آھي. هن چيو ته اطلاعات کاتي کي جديد ٽيڪنالاجي تحت آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا کي بهتر بڻايو ويو آهي. اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سليم خان چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي سموري قوم کي عهد ڪرڻ گهرجي ته سمورا اختلاف وساري سنڌ صوبي ۽ پنهنجي پياري وطن پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندا سين. اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته آزادي ھڪ وڏي نعمت آھي جنھن جو ڪو به متبادل نه آھي ۽ آزاد معاشرو ئي ملڪ جي ترقي جو ضامن آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس منصور راجپوت، ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سرهيو, ڊائريڪٽر پبليڪيشن امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. تقريب ۾ اطلاعات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرز عليم خان، سيد عمر هاشمي، سعيد ميمڻ، صاحب خان ڀنڊ ۽ ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي.ان کان اڳ سنڌ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ جي اڳواڻي ۾ آفيس جي احاطي ۾ هڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.










