ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيلن م استعمال ٿيندڙ پرزن جي فراهمي جي الزام هيٺ آمريڪا 4 ڪمپنين تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. انهن ڪمپنين ۾ 3 چين جون ۽ هڪ بيلا روس جي آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته انهن ڪمپنين سان آمريڪا جي تعاون تي پابندي هوندي. ان معاملي بابت پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ تبصرو ڪندي چيو ته کيس تازين پابندين جي ڄاڻ ناهي پر آمريڪا ماضي ۾ به بنا ٻڌائڻ اهڙيون پابنديون هڻندو رهيو آهي. اسانجو منڍ کان اهو موقف رهيو آهي ته جن پرزن جي ڳالهه پئي ڪئي وڃي اهي تجارتي مقصد لاءِ استعمال ٿيندا آهن. آمريڪي ترجمان جو چوڻ آهي ته پابندين جو مقصد سزا ڏيڻ ناهي پر سندن روين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ آهي. ياد رهي ته هي پابندي ان وقت لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آمريڪا آءِ ايم ايف سميت عالمي مالياتي ادارن کي تعاون جو به چئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو