مير افتخار لنڊ ڪنٽينر تان ڪرڻ سبب زخمي

مير افتخار لنڊ ڪنٽينر تان ڪرڻ سبب زخمي

ڏهرڪي(ن سنڌيار) پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران گهوٽڪي جو ضلعي صدر مير افتخار احمد خان لنڊ ڪنٽينر تان ڪري پيو، کيس فوري طور تي زخمي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو ، جنهن بعد کيس پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. مير افتخار لنڊ جي زخمي ٿيڻ جو ٻڌي حليم عادل شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن سول اسپتال پهچي ويا.افتخار لنڊ کي مٿي، چيلهه ۽ ٽنگ ۾ ڌڪ لڳا آهن. هو پرڏيهي وزير ساهه محمود قريشي سان گڏ ڇهرڪي م ڪنٽينر تي بيٺو هو اوچتو جهٽڪو لڳڻ سبب هو ڪري پيو هو. سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو