ميرپور (ويب ڊيس): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميرپور جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پنهنجي حقن جي تحفظ ۽ نوجوانن جي روزگار لاءِ تير جي نشان تي ٺپو هڻي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين. پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ پي پي چيئرمين ميرپور ۾ ٿيندڙ قانون ساز اسمبلي جي اليڪشن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپور جو عوام هميشه پنهنجي غيرت، مڙسي ۽ حقن لاءِ ڊٽي بيهڻ جو شاندار رڪارڊ رکي ٿو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ميرپور جا ماڻهو علائقي جي ترقي، پنهنجو حق ۽ بيروزگار نوجوانن لاءِ سنوان سڌا روزگار جا موقعا چاهين ٿا ته کين تير جو ساٿ ڏيڻو پوندو.










