ميان  ۾ 12 ورهين جي نينگر جو سندس گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

ميان ۾ 12 ورهين جي نينگر جو سندس گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

سانگھڙ (ن س)سانگهڙ ڀرسان ميان ۾ 12 ورهين جي نينگر جو سندس گهر مان ڦاهو کاڌل لاش مليو آهي. واقعي جي اطلاع تي علائقي واسين پهچي لاش کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتي فوتي نينگر جي سڃاڻپ اعجاز ولد منٺار ملاح طور ٿي. فوتي نينگر جي والد منٺار ملاح موجب هو پٽ کي خرچي ڏئي گهران نڪتو هو، جنهن بعد کيس فون ذريعي اطلاع مليو ته سندس پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس پٽ خودڪشي نٿو ڪري سگهي ۽ شڪ ظاهر ڪندي چيو ته شايد کيس قتل ڪيو ويو آهي، تنهنڪري پوليس واقعي جي مڪمل جانچ ڪري کيس انصاف فراهم ڪري. ٻئي طرف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل گڏ ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب واقعي جي حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ سامهون ايندي. هوڏانهن نينگر جو مڙگ سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙه وارثن حوالي ڪيو ويو، جتي مڙه گهر پهڇڻ تي قهرام مچي ويو. جڏهن واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو