ميئر گرين لائن پروجيڪٽ تي زبردستي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو: وفاق

ميئر گرين لائن پروجيڪٽ تي زبردستي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو: وفاق

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت جي ترجمان راجه خليق الزمان انصاري چيو آهي ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گرين لائن پروجيڪٽ تي سٽي وارڊنز اماڻي زبردستي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي.پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راجه خليق الزمان انصاري چيو ته وفاقي حڪومت کي روزاني نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، منصوبي کي واڌ ڏيڻ تي ميئر ڪراچي کي جيڪڏهن ڪو اعتراض هو ته باقاعده نوٽيس جاري ڪري ها.هن چيو ته گرين لائن جو ٻيو فيز ڪامن ڪوريڊور آهي، مستقبل ۾ سموريون بي آر ٽي بسون انهي تي هلنديون اهي بي بنياد ڳالهيون آهن ته گرين لائن جي ٻئي مرحلي جو ڪم 2035 تائين به مڪمل نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جون 2026 تائين مڪمل مڪمل ڪري وٺنداسين. وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي 22 منصوبن لاءِ 334 ارب روپيه رکيا ويا آهن جن ۾ 18 ارب روپيه منصوبن تي خرچ ڪيا ويا آهن. ٻين منصوبن تي به ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي.راجه خليق الزمان انصاري چيو ته وفاق جي خواهش آهي ته سنڌ حڪومت، ميئر آفيس ڪراچي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. ميئر ڪراچي کان درخواست آهي ته گڏجي ڪراچي جي خدمت ڪريون هي ڪا پوائنٽ اسڪورنگ نه پر گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.هن چيو ته وفاق گرين لائن جي واڌ واري منصوبي جي لاءِ ساڍا 5 ارب جي رقم رکي آهي. وفاق چاهي ٿو ته ڪراچي کي سٺيون ٽرانسپورٽ جون سهولتون مليون. معاملا خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ شرجيل انعام ميمڻ سان به ملاقات جو پيغام پهچايو آهي. راجه خليق الزمان انصاري چيو ته وفاق ڊسمبر ۾ قائداعظم جي مزار تي هڪ ميگا ايونٽ ڪرڻ وڃي رهي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جا شاگرد، شاگردياڻيون شريڪ ٿيندا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ 2 لک ليپ ٽاپ ورهائيندو. بلاول ڀٽو هميشه چيو ته شهباز اسپيڊ گهرجي پر جڏهن ڪراچي ۾ شهباز اسپيڊ نظر اچڻ شروع ٿي آهي ته انهي جي وچ ۾ ميئر اسپيڊ اچي وڃي ٿي ۽ ڪم کي روڪرايو وڃي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته توسيعي منصوبي جي شروعات کان اڳ سمورا گهربل دستاويز، ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي هئي. ميئر آفيس جي اعتراض جو لکت ۾ جواب ڏئي چڪا آهيون. جن ڪمن جو ذڪر هن ڪيو آهي اهو به ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ميئر کي گهرجي ته اهو ڪم شروع ڪرائي. سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن چاهين ٿا ته مريم نواز هتي ڪم ڪري ته هتي جا ماڻهو (ن) ليگ کي ووٽ ڏين. سنڌ ۾(ن) ليگ جو ڪوبه ايم اين اي، ايم پي اي نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو