ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل ٻاهران پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا.پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪيو، پوليس ۽ رينجرز صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوليس طرفان لاٺي چارج پڻ ڪيو ويو آهي.آرٽس ڪائونسل ٻاهران بيٺل ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي ويا ۽ ٻنهي طرفن کان ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.پوليس ۽ رينجرز ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن کي ڌار ڪيو جنهن بعد آرٽس ڪائونسل ٻاهران صورتحال معمول تي اچي وئي ۽ احتجاج ڪندڙ ڪارڪن منتشر ٿي ويا.جماعت اسلامي جا ڪارڪن فوارا چوڪ تي گڏ ٿيا ۽ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن شاهين ڪامپليڪس تي گڏ ٿيا، مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيلنگ ڪئي پئي وڃي، آرٽس ڪائونسل ٻاهران واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو ويو آهي.
پوليس، رينجرز کي بدامني فهلائيندڙڻ کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت
اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بدامني پکيڙڻ وارن کي گرفتار ڪيو وڃي. اعجاز انور چوهاڻ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي صورتحال پرامن رکڻ لاءِ واضح هدايتون آهن.










