موٽر وي لڄا لُٽ ڪيس ۾ شفقت رمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽه موٽروي لڄا لٽ ڪيس ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ ملزم شفقت عرف بگا کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت چيو ته جيل ۾ هن کي ٻين ملزمن سان گڊ مڊ نه ڪريو ۽ سندس شناخت پريد لاءِ خصوصي انتظام ڪيو وڃي. عدالت پولي کي 29 سيپٽمبر تي عدالت م پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. تفتيشي آفيسرانسپيڪٽرذوالفقارعدالت کي ٻڌايو ته ملزم جو ڊي اين اي ڪرائيم سين سان ميچ ڪري ويو آهي. عدالت جوابدار کان پڇو ته ڪجهه چوڻ چاهين ٿو ته هن چيو ته رحم ڪريو مونکي آزاد ڪريو. پوليس اقبال عرف بالا مستري کي به گرفتار ڪيو آهي جنهن اقرار ڪيو آهي ته هو به ساڻن واردات ڪرڻ لاءِ گڏ هو پر بعد ۾ هو ساڻن نه ويو. هن مک ملزم عابد سان فون تي ڳالهايو هو جنهن سبب کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. اصل جوابدار عابد اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. پوليس هن ڪيس ۾ دهشتگردي جون شقون به شامل ڪيون آهن. ياد رهي ته 9 سيپٽمبر تي لاهور کان گجرانوالا ويندي تيل ختم ٿيڻ سبب عورت روڊ تي بيٺي هئي ته کيس ڦرڻ بعد ٻارن سامهون زورن زنا ڪئي وئي هئي.

وڌيڪ تفصيل لاءِ هي به پڙهو

پهنجو تبصرو موڪليو