موٽر وي تي حادثا 2 فوت 10 زخمي، 5 جي حالت نازڪ

موٽر وي تي حادثا 2 فوت 10 زخمي، 5 جي حالت نازڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صوابي ريسڪيوو 1122 موجب پشاور موٽر وي (ايم-1) تي اڱاري ڏينهن ڪيترين گاڏين جي ٽڪراءَ واري حادثي ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽي عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿيا.
صوابي ريسڪيو 1122 جي ترجمان لقمان، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعات ۾ موٽر وي تي هڪ ٽريلر حادثي جو شڪار ٿيو ۽ روڊ بند ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون۔
هڪ گاڏي جو سوار واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي ڄڻي کي اسپتال ۾ طبي عملي فوت قرار ڏنو۔ حادثي ۾ شامل گاڏيون اسلام آباد کان پشاور ڏانهن وڃي رهيون هيون۔
واقعي کانپوءِ ايم-1 تي ٽريفڪ متاثر ٿي وئي۔ موٽر وي پوليس ٻڌايو ته حادثي کان ٿوري دير پوءِ ئي سندن ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ شروعاتي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون۔
ريسڪيو عملي زخمين کي باچا خان ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي۔ اسپتال جي ترجمان ريحان يوسفزئي تصديق ڪئي ته واقعي سبب ٻه لاش ۽ 10 زخمي اسپتال آندا ويا۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمين مان پنجن جي حالت نازڪ آهي۔
ريحان موجب، “اسپتال جي ڊائريڪٽر سموري ايمرجنسي عملي کي هاءِ الرٽ تي رکيو ۽ زخمين کي گهربل سهولتون فراهم ڪيون ويون۔”
ايمرجنسي عملي طرفان حادثي ۾ تباهه ٿيل گاڏيون هٽائڻ کانپوءِ بعد ۾ هن اهم شاهراهه تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي۔
پاڪستان ۾ هاءِ ويز تي موتمار ٽريفڪ حادثا اڪثر ٿيندا رهن ٿا، جن جا اهم سبب تيز رفتاري، خطري واري اوورٽيڪنگ ۽ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي آهن۔
هن مهيني جي شروعات ۾ به ٻه الڳ الڳ حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، جڏهن پنجاب جي سرگوڌا ضلعي ۾ هڪ ٽرڪ سڪي ڪئنال ۾ ڪري پئي هئي ۽ بلوچستان جي اورماڙا تحصيل ڀرسان هڪ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي هئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو