ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هن ڪڏهن به اهو نه چيو هو ته هو حلف نه وٺندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو آئين ۽ قانون تي عمل ڪندو، هو اڄ خيبر پختونخواهه پهچندو، هن چيو ته سندس جواب هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، هن سنڌ جي وڏي وزير کان جهاز جي درخواست ڪئي آهي، هڪ صحافي جي سوال تي، خيبر پختونخواهه جي گورنر چيو ته هو توهان کي اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته بلاول ڀٽو جي ڪن ۾ ڇا ٿي چيو، هن چيو ته هن هميشه چيو آهي ته هو قانون ۽ آئين تي عمل ڪندو.










