مون کي گرفتار ڪرڻ واري حڪومت ختم ٿي وئي: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته جنهن مون کي گرفتار ڪيو ان جي حڪومت ختم ٿي وئي.پولي ڪلينڪ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ رشيد چيو ته مان سڄي رات جاڳيس، منهنجي واچون ۽ پئسا کسيا ويا، ملازمن کي ماريو ويو.هن چيو ته ڀٽو جي حڪومت هجي يا نواز شريف جي جنهن مون کي گرفتار ڪيو اهو ختم ٿي ويو، درآمدي حڪومت ختم ڪنداسين، 15 فيبروري کانپوءِ نقشو تبديل ٿي ويندو، سڄي قوم عمران خان سان گڏ آهي، سڀني کي ٻڌڻ گهرجي ته نواز شريف جو سياسي پلان موت آهي، هنن کي ڊپ آهي ته سندن حڪومت وڃڻ واري آهي، شهباز شريف تنهنجا ڏينهن گُنا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو