مونس جي ملڪيت ضبط ۽ اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست مقرر

مونس جي ملڪيت ضبط ۽ اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست مقرر

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هائيڪورٽ مونس الاهي جي ملڪيت منجمد ڪرڻ ۽ اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم مونس الاهي جي ڪيس ۾ اسپيشل بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جسٽس علي ضياءِ باجوه ۽ جسٽس طارق نديم تي مشتمل ٻه رڪني بينچ صبح 10 بجي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.قيصره الاهي پنهنجي پٽ مونس الاهي جي طرفان درخواست دائر ڪئي، ان کان اڳ جسٽس سيد شهباز علي رضوي مونس الاهي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي. درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پٽ پرڏيهه (ٻاهرين ملڪ) ۾ رهي ٿو ۽ مٿس بي بنياد مقدمو قائم ڪيو ويو آهي، نيب عدالت ۾ پٽ جا اثاثا منجمد ڪرڻ خلاف درخواستون دائر ڪيون هيون جيڪي رد ڪيون ويون. ان کان علاوه، درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته عدالت مونس الاهي جا اثاثا منجمد ڪرڻ ۽ کيس اشتهاري قرار ڏيڻ واري فيصلي کي ڪالعدم (ختم) قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو