مونس الاهي جي دوست جي بازيابي لاءِ درخواست داخل

مونس الاهي جي دوست جي بازيابي لاءِ درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ مونس الاهي جي ويجهي دوست فران خان جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. احمد فاران جي بازيابي لاءِ درخواست سندس ڀاءُ سلمان ظهير داخل ڪئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر ڀٽي درخواست ٻڌڻي لاءِ جسٽس عاليه نيلم ڏانهن موڪلي ڇڏي. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته احمد فاران خان کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، هو اسان جي تحويل ۾ ناهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي احمد فاران کي اڄ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي چيو هو ته منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهن لاهور مان 2 گاڏين ۾ کڻي ويا. مونس الاهي چيو هو ته ايف آءِ اي جا ماڻهو قسم کڻن ٿا، انهن نه ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو