لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ مونس الاهي جو ويجهو دوست احمد فرزان خان گهر پهچي ويو.احمد فرقان خان 4 ڏينهن اڳ گارڊن ٽائون مان گم ٿيو هو ۽ مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ مونس الاهي جو ويجهو دوست آهي، احمد فرزان خان کي رات دير سان 2 گاڏين ذريعي گهر ٻاهران ڇڏيو ويو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ واقعي جو نوٽيس وٺندي سي پي او احمد فاران کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ احمد فاران خان جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت احمد فاران خان جي بازيابي لاءِ داخل درخواست اڪلائي ڇڏي.










