مونال ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

مونال ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت پاران مونال ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي آئيني عدالت سي ڊي اي (CDA) ۽ ميٽروپوليٽن سٽي جون اپيلون منظور ڪري ورتيون، عدالت اسٽي آرڊر به ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٽرائل ڪورٽن کي جلد کان جلد ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته ملڪيت جو فيصلو ٽرائل ڪورٽون عدالتي مشاهدن کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪنديون، جڏهن ته انتظامي معاملن جو فيصلو ريگوليٽري باڊيز ڪنديون. جسٽس حسن رضوي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيترن ئي نقطن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪيس داخل ڪرڻ يا نظرثاني داخل ڪرڻ تي به عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، فيصلي ۾ اهو ڪجهه لکيو ويو جنهن جو اصل قصي ۾ ذڪر ئي نه هو، اسان کي جذباتي فيصلو ناهي ڪرڻو. وڪيل احسن ڀون چيو ته عدالت ڪيس کي تمام سٺو پڙهيو آهي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته عدالت ۾ اسان جون تعريفون نه ڪريو، جيڪا ٻڌڻي ٿي آهي اهو ئي حڪم ڏينداسين، فيصلي ۾ الف ليليٰ جي ڪهاڻي نه لکنداسين. جسٽس حسن رضوي قرار ڏنو ته فيصلو پڙهيو ته اندازو ٿيو ته گهڻو ڪجهه عدالتي ڪارروائي کان ٻاهر جو لکيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو