مومنه مستحسن به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور گلوڪاره مومنه مستحسن به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي گذريل ڏينهن گلوڪاره انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ذريعي هن مداحن کي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. مومنه ٻڌايو ته هن تصوير ۾ چهري تي نه ڪو ميڪ اپ ڪيل آهي ۽ نه ئي ڪو فلٽر لڳايو ويو آهي. بس صرف ڪورونا آهي. تصوير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مومنه مستحسن هن وقت پنهنجي گهر ۾ ئي قرنطينه اختيار ڪيو آهي.هن مداحن کي هن عالمي وبا کان محفوظ رهڻ جو مشورو ڏنو. ياد رهي ته پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر تباهي مچائي ڇڏي آهي.جنهن سبب هن وقت تائين گڏيل طور تي 19987 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو