ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) مولانا نوازشريف ۽ زرداري کي بچائڻ لاءِ ڌرڻو ھنيو، نواز شريف کي حڪومت نه عدالت ڇڏيو آهي، سنڌ جي تعليم ۽ اسڪولن جي تباھي جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي. اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي شھريار مھر ڳڙھي ياسين شھر ۾ قطب الدين ڀٽو، عارف سومرو ۽ قاضي ظھير جن سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته ايوان ۾ 3 فيصد نمائندگي رکندڙ پارٽي وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ٿي جيڪا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي مولانا جي ڌرڻي مان ظاھر ٿو ٿئي ته ڌرڻو نواز شريف ۽ آصف زرداري کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش لاءِ ھنيو جنھن ۾ ھو ڪنھن حد تائين ڪامياب به ٿيو آھي. ھن چيو ته نوازشريف کي علاج خاطر ٻاھرين ملڪ وڃڻ جي اجازت عدالت ڏني آھي حڪومت نواز شريف کي ٻاھر وڃڻ لاءِ اجازت ناھي ڏني جي واپس نه آيو ته اسحاق ڊار جهڙو حشر ٿيندو. سنڌ جو عوام پ پ پ کي ووٽ ڏئي لوڙهيندو پيو اچي ضلعي شڪارپور سميت پوري سنڌ ۾ تعليم جي تباھي جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي اسان جي ضلعي ۾ اڪثر اسڪول زبون حال آھن جنھن جو نوٽيس وٺڻ لاءِ ڪو به تيار نه آھي. ان موقعي تي سيدنادر شاھ، علي خان راڄڙ، نبي داد مھر، ڌڻي بخش، ميان ذوالفقار ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.










